اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي چيئرمين ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان ملاقات ڪئي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پي ٽي اي چيئرمين نگران وزي??اع??م کي سالياني رپورٽ 2023ع پيش ڪئي. پي ٽي اي چيئرمين نگران وزي??اع??م کي آگاهه ڪيو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ پي ٽي اي جي آمدني 17 سيڪڙو اصافي کانپوءِ 850 ارب تائين پهچي وئي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ موبائيل سروسز تائين پهچ 90 سيڪڙو تائين پهچي وئي. هن ٻڌايو ته 2023ع ۾ موبائيل فون صارفين جو انگ 19.2 ڪروڙ جڏهن ته هائي اسپيڊ براڊ بينڊ صارفين جو انگ 13 ڪروڙ تائين پهچي ويو. نگران وزي??اع??م پي ٽي اي چيئرمين ۽ سندس ٽ??م جي پاڪستان ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروسز جي پهچ عام ماڻهو تائين يقيني بڻائڻ لاءِ قدمن کي ساراهيو.