اسلام آباد – 26 ?? جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪس??ان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (ورڪرز) جي صدر سينيئر صحافي پرويز شوڪت جي لاڏاڻي تي گهر?? ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پرويز شوڪت جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، پرويز شوڪت صحافين جو مضبوط آواز هو، صحافت جي شعبي ?? صحافين جي ڀلائي جي لاءِ سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.