اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارل??ام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آه?? ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين اعتراف ڪيو آه?? ته ”دي اڪانومسٽ“ ۾ شايع ٿيندڙ مضمون هن ناهي لکيو، اهو مضمون مصنوعي ذهانت (اي آئي) سان تيار ڪيو ويو هو. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ پارل??ام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته موجوده پي ٽي آءِ چيئرمين ان مضمون جي رياست مخالف ۽ آمريڪا مخالف مواد جي توثيق ناهي ڪئي، سمنڊ پار پي ٽي آءِ ڪجهه اڌاکري اينڪرز ۽ دي اڪانومسٽ (اي آئي) جي هڪ فريب ڪاري تي دُهل وڄائي رهيا آ??ن. اطلاعات ۽ پارل??ام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊان اخبار ۾ شايع ٿيل خبر جو لنڪ به شيئر ڪيو جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين کان سومر ڏينهن اڊيالا جيل ۾ 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۽ ت??شه خانه ر??فر??س جي جيل اندر ڪارروائي جي رپورٽنگ ڪندڙ صحافين ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏنو ويو آهي. خبر موجب پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين صحافين سان ڳالهه ٻولهه دوران انڪشاف ڪيو ته سندس نالي سان منسوب دي اڪانومسٽ ۾ شايع ٿيندڙ آرٽيڪل اصل ۾ مصنوعي ذهانت آئي اي سان تيار ڪيل آهي.