اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) عالمي دهشتگردي ۽ ٻين سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ روس جي گڏيل ورڪنگ گروپ جو ڏهون اجلاس اسلام آباد ۾ جاري آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (گڏيل قو??ون) سفير سيد حيدر شاهه پاڪستان جي ملٽي ايجنسي وفد جي قيادت ڪري ره??و آهي جڏهن ته روسي وفد جي قيادت نائب پرڏيهي وزير سرگئي ورسينين ڪري ره??و آهي. ترجمان چيو ته ڌرين علائقائي ۽ عالمي سطح تي دهشتگردي جي خطري بابت پنهنجي جائزي جي حصيداري ڪنديون. هن چيو ته ڳالهين ۾ پاڪستان روس دهشتگردي خاتمي واري واري تعاون تي ڌيان ڏنو ويندو.