اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ۽ پارل??ام??ني معاملن وار?? نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف سعيدالمالڪي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏي?? دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ميڊيا ۽ ڪميونيڪشنز جي شعبي ۾ طئي ٿيل معاهدن تي عملدرآمد جي رفتار تيز ڪرڻ، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا ۽ ڊرامي سميت ٻين لاڳاپيل شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ نگران وزيراعظ?? جو بين المذاهب هم آهنگي جي لاءِ خصوصي نمائندو علامه طاهر محمود اشرفي پڻ موجود هو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ابلاغيات جي شعبي ۾ گڏيل تعاون جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاعات ۽ پارل??ام??ني معاملن وار?? نگران وفاقي وزير سعودي سفير جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي 12 نومبر تي اجلاس جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاعات ۽ پارل??ام??ني معاملن وار?? نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سعودي عرب پاران اسلامي تعاون تنظي?? جو سربراهي اجلاس گهرائڻ جي آجيان ڪندي چيو ته باني ميمبر طور پاڪستان او آءِ سي قائم ٿيڻ جي مقصدن ۽ ان جي وڌيڪ مضبوطي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهندو، مسلمان امت جي مفادن جي تحفظ ۾ او آءِ سي جي ڪردار جي سگهه ۽ ان ڏس ۾ سعودي عرب جي ڪردار کي ساراهيون ٿا. اطلاعات ۽ پارل??ام??ني معاملن وار?? نگران وفاقي وزير جو سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سعودي سفير اطلاعات ۽ پارل??ام??ني معاملن وار?? نگران وفاقي وزير کي سعودي عرب جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. اطلاعات ۽ پارل??ام??ني معاملن وار?? نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سعودي سفير نواف سعيد المالڪي جا دوري جي دعوت تي ٿورا مڃيا.