تاشقند – 08 – نومبر (اي پي پي) نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ ازبڪست??ن جي صدر شوڪت مرزيوئيف ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب اقتصادي تعاون تنظيم جي 16 هين سربراهي اجلاس جي موقعي تي نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جمهوريه ازبڪست??ن جي صدر شوڪت مرزيوئيف سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگرا?? وزيراعظم سربراهي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي ازبڪ صدر کي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن سياسي، واپاري، اقتصادي، سلامتي، دفاع ۽ رابطن ??ميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ ??ضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻطرفي تعاون جي وڌندڙ سطح تي اطمين??ن جو اظهار ڪندي نگرا?? وزيراعظم ان رفتار کي برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ترجيحي واپاري معاهدي (پي ٽي اي) ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ (يو پي ٽي ٽي اي) جي فعال ٿيڻ سان اقتصادي تعاون تنظيم واپاري معاهدي (ايڪوٽا) کي هموار ڪرڻ کانسواءِ ٻطرفي واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ کي فروغ ملندو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي اقتصادي انضمام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اسٽريٽجڪ ??صيداري جي معاهدي کي جلد ک??ن جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ علائقائي رابطن ??ي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو. هنن ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو. نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ صدر مرزيوئيف غزه ۾ جاري انساني بحران ۽ ٻي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيال جي ڏي وٺ ڪئي.