اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ٽيليويزن جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ايم زيڊ سهيل جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بي??ن ۾ هن مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ايم زيڊ سهيل جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. مرحوم پي ٽي وي جو اثاثو هو. هن چيو ته ??رحوم پاڪستان ٽيليويزن جي خبرن واري شعبي سان اٽڪل 4 ڏهاڪن تائين سلهاڙيل رهيو. هن چيو ته ??رحوم جون پي ٽي وي لاءِ خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ ا??لي?? مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.