نيويارڪ – 20 – سي??ٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني فلسطينين جي منصفاڻي ڪاز حاصل ڪرڻ جي لا??ِ پاڪستان جي مستقل ۽ اصولي حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نگران پرڏيهي وزير منعقد اجلاس ۾ فلسطين تي اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ڪميٽي آ?? 6 جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيو ته وچ اوڀر ۾ امن ۽ اس??حڪام جي لا??ِ هڪ اهڙو عمل جوڳو، خودمختيار ۽ ڀر ۾ فلسطيني رياست جو قيام لا??مي آهي جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. هي اجلاس گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي ٿيو. فلسطين تي 6 رڪني ڪميٽي جي ميمبرن ۾ پاڪستان، سي??يگال، گني، فلسطين، ملائيشيا ۽ او آءِ سي جنرل سيڪريٽريٽ شامل آهن. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ان پاڪستاني وفد جو حصو آهي جنهن جي قيادت نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪري رهيو آهي جيڪو يو اين جي اي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي.