لاهور – 10 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسلام جو بنيادي مقصد معاشري جي تعمير آهي، خيرات ڪرڻ مسلمانن جو شيوو آهي، خير جي ڪم ۾ حصو وٺندڙ ملڪ جا هيروز آهن، اسلام انسانن جي اسپرٽ کي جاڳائڻ لاءِ آيو، حڪومتون بدلجنديون رهن ٿيون، ملڪ جو نظام هلندو رهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ سرور شاهده ميموريل ڪاريڊيڪ سينٽر ۽ ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي ??يڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سرور شاهده ميموريل ڪاريڊيڪ سينٽر جو ڊاڪٽر شعيب سرور هاشمي، جنرل سيڪريٽري راڻا عامر محمود، نائب صدر ڊاڪٽر فضل الرحمان ۽ پنجاب جو اڳوڻو گورنر چوڌري سرور پڻ موجود هئا. صدر چيو ته حڪومت هڪ انسٽيٽيوشن آهي جنهن جي تعاون ??ان ادارا هلندا رهن ٿا، پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ خير جي ڪم جو جذبو مسلمانن ۾ اڀري سامهون آيو، سرندي وارا محروم طبقي کي خيرا جي ذريعي مدد ڪري اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، خير جي ڪم ۾ حصو وٺندڙ ملڪ جا هيروز آهن، مسلمانن جي ??طرت ۾ خير جو ڪم هجڻ گهرجي. هن چيو ته اسلام رياست ٺاهڻ جي ??اءِ نه پر ڪميونٽي جي ??اءِ آيو آهي جنهن جو بنيادي مقصد معاشري جي تعمير ۽ ترقي آهي، الله جي آخري نبي ﷺ پنهنجي سڄي زندگي رياست ٺاهڻ جي ??اءِ نه پر عوام جي خدمت ۾ گذاري، خلفاءِ راشدين جي زندگي به خدمت خلق ??ان ڀريل آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قرآن مجيد جي ??هرين سورت ۾ ئي رياست جي ذميوارين جو تعين ٿي وڃي ٿو، پاڪستان جو جيڪو بنيادي مقصد آهي اهو قرآن جي اندر موجود آهي، پاڪستان جي روح جو بنياد عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ لڪل آهي. هن چيو ته خدمت جو ڪم آ??ان نه آهي ان لاءِ جذبي جي ضرورت آهي، ان??ان پنهنجي گناهن جي تلافي جي ??اءِ الله کان معافي جو طلبگار هوندو آهي پر ا??ان انسانن کي معاف ڪرڻ جي ??اءِ تيار نه آهي، پنهنجي ڪردار کي بهتر ڪري ا??ان الله جي ??يجهڙائپ حاصل ڪري سگهون ٿا. صدر چيو ته ا??ان کي پنهنجي ??ارن ۾ خيرات ڪرڻ، سچ ڳالهائڻ، وڏن کي عزت ڏيڻ ۽ هڪ ٻئي ??ان همدرديءَ ۽ تعاون جو جذبو پيدا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جيتوڻيڪ بنيادي مسئلا حل ڪرڻ رياستن جي ذميواري آهي جڏهن ته اسلامي نظام حيات ۾ سرندي وارا ماڻهو خدمت ۽ مدد جي ذميواري ??ان آجا نه ٿا ٿي سگهن، اسلام جو فلسفو معيشت رياستي وسيلن جي اهڙي طرح منصفاڻي ورڇ يقيني بڻائڻ آهي جو ڪو ماڻهو ۽ معاشرو بکيو نه سمهي ۽ غربت جي چڪيءَ ۾ نه پيڙهجندو رهي. صدر چيو ته جڏهن دولت ڪجهه هٿن تائين محدود ٿي وڃي ٿي ته پوءِ انساني معاشري جو توازن بگڙي وڃي ٿو ۽ نظام حيات تباهه ٿي وڃي ٿو، انهي لاءِ اسلام ارتڪاز دولت، مال ۽ دولت ??ان محبت، حق تلفي، هر قسم جي ??الي بدعنواني، ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري کي حرام قرار ڏنو آهي ۽ ان ??ان گڏوگڏ سوسائٽي جي سرندي وارن ماڻهن تي لازمي قرار ڏنو آهي ته اهي پنهنجي ??ال مان ضرورتمندن جي ??دد ڪن ۽ انهن کي پيرن تي بيهارڻ ۾ مدد ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسلام جو معاشي نظام برابري، ٻڌي، انفاق في سبيل الله، خيرات، صدقي، قرض حسنه، جائز منافعي، حلال رزق جي بنياد تي قائم آهي، اسلام معاشري جي سمورن طبقن ۾ مال، دولت ۽ وسيلا هڪ جهڙا ورڇ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. هن چيو ته اسلام جو اصول اهو آهي ته معاشي تنگي ۾ مبتلا هڪ ماڻهو به ڪفالت کان محروم نه رهي، الله ۽ ان جي رسول ڪريم ﷺ جي حڪمن موجب غريب جي ڪفالت رياست جي ذميواري آهي جڏهن ته سرندي وارن تي به اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسلام ۾ انساني خيرخواهي کي سڀ کان وڌيڪ اهميت حاصل آهي، ان لاءِ مسلمانن تي مستحقين ۾ خيرات ۽ صدقا ورهائڻ انهن تي فرض ڪيو ويو آهي، هر مذهب ۾ انساني خيرخواهي ئي جو پيغام ملي ٿو، حضور ﷺجي سڄي محنت انسانن جي ??اءِ هئي، ا??ان جي ??لڪ جي ??اءِ اهو لازمي آهي ته جيڪڏهن ا??ان کي پنهنجي ??لڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي ته ان جي سنت تي عمل پيرا ٿيڻو پوندو. سرور شاهده ميموريل ڪارڊيڪ سينٽر جي صدر ڊاڪٽر شعيب سرور هاشمي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته آئون ٻاهر جي ??رآسائش زندگي ڇڏي رڳو انسانيت جي خدمت لاءِ پاڪستان آيو آهيان، گوجرانوالا ۾ ٺهندڙ ان ڪارڊيڪ سينٽر ۾ دل جي ??رض جي عالمي سطح جي جديد طبي سهولتون ميسر هوننيون، 200 بسترن تي ڪارڊيڪ سينٽر ۾ امير ۽ غريب کي برابر جي سهولت فراهم ڪئي ويندي.