اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي، ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر معاشي استحڪام طرف وڌي رهيو آهي، 15 مهينا اڳ جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته ملڪ اندر معاشي بدحالي هئي، نواز ??ريف دور ۾ آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل ٿي چڪو هو، جڏهن ته اڳوڻي حڪومت معيشت کي ايترو تباهه ڪري ڇڏيو ۽ ا?? کي واپس آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو ۽ پوءِ انهن پنهنجي ئي صحيحي سان آءِ ايم ايف پروگرام جي خلاف ورزي ڪئي ۽ ا?? کي معطل ڪري ڇڏيو. وزيراعظم شهباز ??ريف ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي ڪوششن سان آءِ ايم ايف پروگرام بحال ٿيو، ملڪي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي. پاڪستان قديم تهذيبن جو هنڌ آهي، جنه?? کي محفوظ بڻائڻ لاءِ اسڪرين ٽوئرزم جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينٽرل بورڊ آف فلم سينسرز ۾ سينسر سينيما هال جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سڌ سماءَ وارو وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان ۽ وزارت جا ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا. وفاقي وزير چيو ته سموري دنيا ۾ فلم سينسر جو لفظ استعمال ناهي ٿيندو، جڏهن ته فلم سرٽيفڪيشن جو نالو ورتو ويندو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ 1970ع کان پوءِ فلم انڊسٽري تي ڪافي بهتان لڳا جنهن جا اثر اڄ تائين جاري آهن، انهن اثر?? کي ختم ۽ پاڪستان جي سڃاڻپ کي بهتر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ لاءِ اسڪرين ٽوئرزم تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اهڙا ادارا موجود هئڻ گهرجن جيڪي سياحتي موضوعن تي دستاويزي فلمون ٺاهيندڙ?? کي سهولتون ڏئي سگهن. ان مقصد لاءِ اسان پاڪستان ٽيليويزن ۾ ڪم شروع ڪيو آهي، هن چيو ته نواز ??ريف پنهنجي دور ۾ پاڪستان ڪلچر پاليسيءَ جي شروعات ڪئي هئي، جنهن تي عمل پيرا ٿيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته فلم انڊسٽري کي سبسڊي ڏني پئي وڃي، اسان جي ثقافت ۽ قومي ورثو انتهائي اهميت رکي ٿو. هن فلم سينسر بورڊ ۾ سينسر سينيما جي افتتاح تي سڌ سماءَ واري وزارت جي سموري ٽيم کي مبارڪون ڏيندي چيو ته اسا?? کي فلم سينسر لاءِ پرائيويٽ سينيما جون خدمتون وٺڻيون پونديون هيون، هاڻي اها سهولت فلم سينسر بورڊ م دستياب هوندي. هن چيو ته پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان جي عمارتن جي احاطن ۾ سينيما گهر قائم ڪيا پيا وڃن ته جيئن عوام کي سستيون تفريحي سهولتون ملي سگهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت دوست ملڪ?? کي ناراض ڪيو جڏهن ته وزيراعظم شهباز ??ريف اقتدار م اچي دوست ملڪن سان پاڪستان جي لاڳاپ?? کي بهتر بڻايو. هن چيو ته ٻوڏ دوران به بحالي جون سرگرميون شروع ڪيون، معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جو قيام عمل ۾ آندو جيڪو سيڙپڪاري لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته صحافين ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي شروعات ڪئي وئي آهي ته جيئن انه?? کي باوقار طريقي سان صحت جون سهولتون فراهم ڪري سگهجن. هي اهو قدم آهي جنهن جي اڄ تائين ڪنهن به ذميواري نه کنئي ۽ معاشري جو اهو حصو جنه?? کي ڪنهن به ترجيح نه بڻايو، صحافي?? کي هاڻي اها سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سڌ سماءَ واري سيڪريٽري ۽ ايم ڊي پي ٽي وي سهيل علي خان جي قيادت ۾ ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي کي انسٽيٽيوشنلائيز ڪيو، ريڊيو ۾ جديد ٽيڪنالاجي لڳائي پئي وڃي جنهن سان سڄي دنيا ۾ هن جي نشريات ٻڌي سگهبي. هن چيو ته اسان ريڊيو پاڪستان جي ملازمن لاءِ هڪ بزنس پلان ڏنو ته جيئن ان جا مالي معاملا بهتر ٿين. ريڊيو جو 4 ارب رپين ??و ريڊيو منڊال ٽيڪنالاجي ذريعي پراجيڪٽ جي شروعات ڪئي آهي جنهن سان 52 ملڪن ۾ ريڊيو ٻڌي سگهبو ۽ اها ٽيڪنالاجي سڄي دنيا ۾ استعمال ٿي رهي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته سڌ سماءَ واري وزارت منهنجي ذميوارين ۾ شامل آهي، ان جي ادار?? کي اسان مستحڪم ڪنداسين.