اسلام آباد – 14 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره ۽ غربت جي خاتمي واري مملڪتي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) جي صدر ??فض?? بٽ جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ نيشنل پريس ڪلب ويا ۽ ??فض?? بٽ جي والده مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات وار?? وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته والده ال??ه تعاليٰ جو هڪ اهڙو قيمتي تحفو آهي جنهن جو ڪو نعم البدل نه آهي، ??فض?? بٽ جي والده جي لاڏاڻي تي افسوس آهي، ??فض?? بٽ ۽ ان جي گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن چيو ته جن جا والدين زندهه آهن ال??ه تعاليٰ انهن کي ڊگهي زندگي ڏي ۽ اسان سڀني کي پنهنجي والدين جي خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. قمر زمان ڪائره چيو ته والده جو لاڏاڻو ناقابل تلافي نقصان آهي، ان جي کوٽ سڄي زندگي رهي ٿي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته والدين سان بهارون هونديون آهن، ال??ه تعاليٰ ??فض?? بٽ ص??حب جي والده کي جنت ال??ردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. اطلاعات وار?? وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو صلاحڪار قمر زمان ڪائره ۽ مملڪتي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي ان موقعي تي مرحومه جي ايصال ثواب، درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.