اسلام آباد – 13 ?? جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ملتان جي دوري جي لاءِ اسلام آباد کان روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم ملتان ۾ علاج جي عالمي سهولتن سان ليس تعمير هيٺ نشتر ٽو اسپتال جو ??ورو ڪندو ۽ جاري تعميراتي ڪمن جو ??ائزو وٺندو. 500 بسترن تي ٻڌل ان اسپتال سان ڏکڻ پنجاب جي ڏورانهن علائقن جا ماڻهو فائدو کڻندا. وزيراعظم ان م??قعي تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندو. وزيراعظم ملتان ۾ ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکندڙ باصلاحيت نوجوانن ۾ وزيراعظم يوٿ لون اسڪيم تحت چيڪ ورهائيندو. وزيراعظ۾ يوٿ لون اسڪيم تحت هيستائين هڪ لک 10 هزار کان وڌيڪ باصلاحيت نوجوانن کي 101.6 ارب رپين جا آسان ۽ قرض وياج تي قرض ڏنا ويا آهن جيڪي انهن کي پنهنجي زرعي ۽ ٻئي ڪاروبار سان بااختيار، خودمختيار ۽ ٻين نوجوانن جي لاءِ روزگار پيدا ڪرڻ جي قابل بڻائي رهيا آهن. وزيراعظم ملتان ۾ باصلاحيت ۽ قابل شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت ليپ ٽاپ پڻ ورهائيندو. وزيراعظم ان م??قعي تي خطاب پڻ ڪندو.