اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ٽي ڀيرا چونڊيل وزيراعظم محمد نواز ??ريف جو احتساب عدالت لاهور ۾ پلاٽ الاٽمينٽ ريفرنس ۾ آزاد ٿيڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پي ٽي آءِ دور ۾ ان کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو، نواز ??ريف جي خلاف ان ڪيس ۾ ڪنهن به قسم جي ڪرپشن سامهون ناهي آئي، لوڊشيڊنگ جي واويلا ڪندڙ پنهنجي جيءُ ۾ جهاتي پائين، نواز ??ريف 14 هزار ميگاواٽ بجلي نيشنل گرڊ ۾ فراهم ڪري ويو هو، پي ٽي آءِ دور ۾ هڪ ميگاواٽ بجلي پيدا نه ٿي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پلاٽ الاٽمينٽ جو اهو ڪيس ان وقت جو آهي جڏهن نواز ??ريف پنجاب جو وڏو وزير هو. هن چيو ته هڪ ناليواري ميڊيا هائوس جي سي اي او مير شڪيل الرحمان کي جعلي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ميڊيا تي دٻاءُ وڌو ويو ۽ پيغام ڏنو ويو ته ميڊيا تي به گرفتارين جي تلوار لڙڪي رهي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ صحافين جو آواز ??ند ڪر?? جي لاءِ انهن کي گرفتار ڪيو ويو، انهن تي حملا ڪيا ويا، پاسراٽيون ٽوڙيون ويون جنهن جي ڪري عالمي صحافتي تنظيم ان وقت جي وزيراعظم فارن ايجنٽ کي ”ميڊيا پريڊيٽر“ جو خطاب ڏنو هو. مريم اورنگزيب چيو ته اڄ جو فيصلو انهن ماڻهن جون اکيون کولڻ جي لاءِ ڪافي آهي جيڪي پي ٽي آءِ جي ڪوڙي بيانيي تي يقين رکن ٿا. هن چيو ته پلاٽ الاٽمينٽ جي جعلي ريفرنس ۾ اهو الزام هنيو ويو هو ته پنجاب جي وڏي وزير جي حيثيت سان نواز ??ريف فيور حاصل ڪر?? جي لاءِ مير شڪيل الرحمان کي فائدو پهچايو. هن چيو ته پي ٽي آءِ دور ۾ نيب نيازي ڳٺ جوڙ جي ذريعي سياسي مخالفن کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ قومي احتساب بيورو کي استعمال ڪيو ويو. هن چيو ته اڄ احتساب عدالت پنهنجي فيصلي ۾ واضح طور تي چيو آهي ته نواز ??ريف کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو. عدالت پنهنجي تفصيلي فيصلي ۾ چيو ته ان ڪيس ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا ڪرپشن سامهون ناهي آئي ۽ نواز ??ريف کي باعزت آزاد ڪيو ويو آهي. فيصلي سان اهو به ثابت ٿيو ته نواز ??ريف کي اشتهاري قرار ??يڻ جي لاءِ قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون ويون هيون. هن چيو ته نواز ??ريف ۽ ان جي خاندان کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائڻ جو عمل ”پاناما کي اقاما“ ۾ تبديل ڪر?? کان شروع ٿيو. هن چيو ته ايسيٽ ريڪوري يونٽ جو مقصد عمران خان جي سياسي مخالفن کي نشانو بڻائڻ ۽ ميڊيا تي دٻاءُ وجهڻ هو پر اهو الله جو انصاف آهي ته شهزاد اڪبر اڄ پاڪستان ۾ ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جي قابل ناهي رهيو، هن جيڪي الزام هنيا هو ثبوت عدالتن ۾ پيش نه ڪري سگهيو ۽ اڄ عدالتن جي اندر نيب جا پراسيڪيوٽر ان جي خلاف گواهي ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته نيب تي دٻاءُ وجهي نواز ??ريف جي خلاف جعلي ڪيسز ٺاهيا ويا. اطلاعات واري وفاقي وزير نواز ??ريف کي آزاد ڪر?? جي حوالي سان احتساب عدالت جي جج رائو عبدالجبار جي لکت واري فيصلي جا ڪجهه پيراز ??ه پڙهي ٻڌايا. فيصلي ۾ چيو ويو ته ”رڪارڊ مان ظاهر ٿئي ٿو ته محمد نواز ??ريف سياسي انتقام جو نشانو بڻيو ۽ شايد نيب عملدار حڪمران پارٽي جي چوڻ تي نواز ??ريف جي سياسي ڪيريئر کي نقصان پهچائڻ ۽ تباهه ڪر?? جي لاءِ ريفرنس تيار ڪر?? تي مجبور هئا جيڪو ٽي ڀيرا پاڪستان جو چونڊيل وزيراعظم رهي چڪو آهي. هن چيو ته احتساب عدالت جي جج واضح طور تي چيو آهي ته نواز ??ريف کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ عمران خان جي سياسي مخالفن کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته نواز ??ريف 2017ع کان 2022ع تائين نه رڳو پنهنجو پر پنهنجي ڌيءَ، پنهنجي ڀاءُ ۽ پنهنجي ڀاءُ جي فيملي جو حساب ڏنو جڏهن ته هن پنهنجي مرحوم والد جي گذريل 40 سالن تائين جو حساب ڏنو. هن چيو ته هي انهن ماڻهن جي لاءِ فڪر جو لمحو آهي جيڪي اڃا تائين هڪ اهڙي شخص جي اثر هيٺ آهن جنهن ملڪ کي تباهه ڪيو، نوجوانن کي بيروزگار ڪيو، معيشت تباهه ڪئي، ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ لوڊشيڊنگ ٻيهر آندي. هن چيو ته جيڪڏهن گذريل حڪومت سياسي انتقام وٺڻ بدران پنهنجي ڪارڪردگي تي ڌيان ڏي ها ته اڄ ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ نه هجي ها. مريم اورنگزيب چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ هڪ ميگاواٽ بجلي پيدا نه ٿي جڏهن ته ٻئي طرف نواز ??ريف نيشنل گرڊ ۾ 14000 ميگاواٽ بجلي جو اضافو ڪيو ۽ شهباز ??ريف پنجاب جي وڏي وزير جي حيثيت سان پنجاب ۾ 5 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي پيدا ڪئي. هن چيو ته اها ستم ظريفي آهي ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ 350 ڊيمن جي تعمير جو ڊرامو رچايو ويو ۽ رڳو پئسا هڙپ ڪر?? جي لاءِ ماڻهن کي ”ڊيم فول“ بڻايو ويو. مريم اورنگزيب چيو ته ثاقب نثار کي انهن ڏوهن جو جواب ڏيڻو پوندو جيڪي هن ٽي ڀيرا جي چونڊيل وزيراعظم جي خلاف سازش کي انجام ??يڻ جي لاءِ ڪيا. هن چيو ته نواز ??ريف جي حوالي سان تازن فيصلن مان ثابت ٿيو آهي ته ڪهڙي طرح عمران خان کي اقتدار ۾ آڻڻ ۽ نواز ??ريف کي سياسي ميدان مان ڪڍڻ جي ڪوشش ٿي. هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ انساني حقن جون سراسر خلاف ورزيون ٿيون، مخالف ڌر اڳواڻن کي موت جي سزا جي چڪين ۾ موڪليو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته اڄ عمران خان پاڪستان ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي ڪوڙي دعويٰ ڪئي آهي. هن عمران خان کي لوڊشيڊنگ جو ذميوار قرار ڏيندي چيو ته نواز ??ريف پاڪستان کي سي پيڪ جو تحفو ڏنو، ملڪ ۾ رستن جو ڄار وڇايو، گرڊ سسٽم ۾ وڏي پئماني تي بجلي شامل ڪئي خاص طور تي ان وقت جڏهن ان جي خلاف سازش رچائي پئي وئي. هن چيو ته شهباز ??ريف کي ٻه ڀيرا گرفتار ڪيو ويو، ان جي خلاف سمورا ڪيسز جعلي ثابت ٿيا آهن. هن چيو ته عمران خان نواز ??ريف جي سياسي ڪيريئر کي تباهه ڪر?? جي ڪوشش ڪئي جنهن جو واضح ثبوت اڄ جي فيصلي مان ظاهر ٿئي ٿو. هن چيو ته اهو الله تعاليٰ ئي آهي جيڪو جنهن کي چاهي عزت ڏي ٿو ۽ جنهن چاهي رسوا ڪري ٿو. هن چيو ته نواز ??ريف پنهنجو ڪيس الله جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. مريم اورنگزيب مريم نواز ??ي خلاف ايون فيلڊ ڪيس جو ذڪر ڪندي چيو ته آئون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ موجود هيس جڏهن هاءِ ڪورٽ جي جج چيو ته مريم نواز ??ي خلاف ايون فيلڊ ڪيس ۾ الزام ثابت ڪر?? جي لاءِ نيب هڪ به ثبوت پيش نه ڪيو. ان ڪيس جي فيصلي ۾ لکت ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن هڪ ڏوهه ٿيو ئي نه آهي ته پوءِ مدد ۽ معاونت ڪيئن ٿي سگهي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عدالتي نظام تي ماڻهن جي اعتماد کي بحال ڪر?? جي لاءِ ٽي ڀيرا جي وزيراعظم جي خلاف ڏنل اهڙن سمورن فيصلن تي نظرثاني ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته حڪومت سوئيڊن ۾ قرآن ڪريم جي بي حرمتي جي واقعي جي شديد مذمت ڪئي آهي. اسلام ۽ ٻين مذهبن جي احترام جي لاءِ دنيا کي پيغام ??يڻ جي لاءِ قومي مهم پڻ شروع ڪئي وئي آهي.