اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف لاهور ۾ ٻوڏ واري صورتحال ۽ شهرين جي پريشانين ??و نوٽيس وٺندي صوبائي حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا کي پاڻي نيڪال ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم برسات واري صورتحال ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن جي ٽيمن کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن هدايت ڪئي ته شهرين کي تڪليف ۽ پريشاني کان بچائڻ جي لاءِ ڪا سستي نه ڏيکاري وڃي، برساتي صورتحال جي ڏس ۾ مسلسل مانيٽرنگ ۽ انتظامي قدمن کي يقيني بڻايو وڃي ۽ 24 ڪلاڪن جي بنياد تي پاڻي کي نيڪال ڪرڻ جا انتظام ڪيا وڃن. وز??را??ظم برسات ۽ ٻوڏ واري صورتحال جي ڏس ۾ ٽريفڪ جي رواني ۽ متبادل رستن جي وقت سر نشا??ده?? يقيني بڻائڻ ۽ ملڪ جي ٻين ع??ائقن ۾ حفاظتي ۽ اڳواٽ انتظامن جي پڻ هدايت ڪئي ۽ چيو ته صوبائي حڪومتون ۽ ضلعي انتظاميا هڪ ٻئي سان سهڪار ڪري شهرين کي پريشاني کان بچائن.