اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي منفرد ??لا??يتون رکندڙ ٻارن کي جامع تعليم ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خص??صي ٻارن کي عام اسڪولن ۾ تعليم ڏيڻ جي لاءِ استادن کي تربيت ڏني وڃي، منفرد ??لا??يتن وارن ٻارن کي معياري تعليم فراهم ڪرڻ لازمي آهي. هو منفرد ??لا??يتن وارن ٻارن جي تعليم بابت ماهرن سان ملاقات ڪري رهي هئي. خاتون اول خص??صي ٻارن جي تعليم جي آمريڪا ۾ رهندڙ ماهر ڊاڪٽر فوزيه خان سان ملاقات ڪئي. خاتون اول عالمي صحت واري اداري، نجي تعليمي ادارن جي ريگيوليٽري اٿارٽي ۽ اسپيشل ايجوڪيشن ڊائريڪٽوريٽ جي نمائندن سان پڻ ملاقات ڪئي. خاتون اول بيگم ثمينه علوي چيو ته منفرد ??لا??يتون رکندڙ ٻارن طرف امتيازي سلوڪ جو خاتمو ڪرڻو پوندو، بيگم ثمينه علوي پاڪستان ۾ ماسٽر ٽرينرز کي خص??صي ۽ جامع تعليم جي حوالي سان آن لائين تربيت ڏيڻ ۾ آمريڪي تعليمي ماهر جي دلچسپي کي ساراهيو. هن چيو ته عالمي معيار جي خص??صي تعليم جي تربيت سان پاڪستاني استاد فائدو کڻن، خص??صي ٻارن کي نجي ۽ سرڪاري ادارن ۾ تعليم ڏيڻ جي لاءِ استادن جي نشاندهي ڪرڻ جي ضرورت آهي. ملاقات ۾ خص??صي ۽ جامع تعليم جي لاءِ هيستائين ڪيل قدمن بابت خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي وئي. ملاقات ۾ اسلام آباد ۾ جامع ڪلاس روم ۾ خص??صي ٻارن کي پڙهائڻ جي لاءِ قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. شرڪت ڪندڙن خص??صي ٻارن جي تعليم جي لاءِ استادن جي تربيت جي شروعات پرائمري سطح کان ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.