اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي مواصلات وارو وفاقي وزير مولانا اسعد محمود پڻ موجود هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب ملاقا?? ۾ ??وجوده ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مولانا فضل الرحمان بجيٽ 24 – 2023ع ۾ معاشي مشڪلاتن جي ??او??ود ترقياتي منصوبن ۽ عوامي مشڪلاتن جي ازالي جي قدمن جي شموليت کي ساراهيو. ملاقات ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻن وزيراعظم جي خيبرپختونخواهه خ??ص طور تي ضم ٿيل ضلعن جي ترقي لاءِ خصوصي قدمن کي ساراهيو.