اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪمانستان تاپي گ??س پائيپ لائين گڏيل عملدرآمد منصوبي جي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته ??زي??اعظ۾ محمد شهباز شريف چيو آهي ته تاپي خطي جي خوشحالي لاءِ اهم منصوبو آهي، منصوبي سان خطي کي قدرتي گئس جي فر??هم?? ممڪن ٿيندي، عالمي صورتحال جي ڏس ۾ توانائي جي فر??هم?? هڪ وڏو چئلينج آهي، ان منصوبي سان علائقائي تعاون ۽ خوشحالي جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن تاپي گ??س پائيپ لائين گڏيل عملدرآمد منصوبي جي معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صحيحن واري تقري?? ڪالهه خميس ڏينهن هتي منعقد ٿي. تقريب ۾ ??زي??اعظم محمد شهباز شريف پڻ شرڪت ڪئي. پاڪستان پاران پيٽروليم واري مملڪتي ??زي?? ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ ترڪمانستان جي مملڪتي ??زي?? ۽ ترڪمن گئس جي چيئرمين ڪمسات بابائيف صحيحون ڪيون. ان موقعي تي خطاب ڪندي ??زي??اعظم چيو ته اڄ هڪ وڏو ڏينهن آهي، پاڪستان ۽ ترڪمانستان تاپي گئس عملدرآمد منصوبي تي صحيحون ڪيون آهن. ان جي لاءِ ترڪمانستان جي صدر ۽ ان جي ٽيم جا ٿورائتا آهيون. تاپي هن پوري خطي جي خوشحالي جي لاءِ تمام اهم منصوبو آهي. هي منصوبو اشڪ آباد کان شروع ٿيندو ۽ افغانستان ۽ پاڪستان کان ??ار?? تائين مڪمل ڪيو ويندو. ان سان هن خطي کي منصوبي تي ٺوس خاطرين ۽ گڏيل طور تي طئي ٿيل شرطن موجب قدرتي گئس حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. عالمي حالتن جي ڏس ۾ اڄ توانائي هڪ حقيقي چئلينج بڻجي چڪو آهي ۽ پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن کي ان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس پاليسين ۽ فوري قدمن جي ضرورت آهي. تاپي سان علائقائي تعاون ۽ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. پنهنجي ٽيم کي هدايت ڪندس ته ان منصوبي جي منصوبابندي ۽ عملدرآمد جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته ترڪمانستان جي وفد پاران پاڪستان جي دوري تي ٿورا مڃيندي چيو ته ان سان اسان کي اهو موقعو مليو آهي ته دنيا کي اهو يقين ڏياريون ته پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن اهم موقعي تي پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي پيٽروليم واري وزارت کي مبارڪباد ڏيان ٿو، ترڪمانستان پاڪستان دوستي زندهه آباد.