اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ۾ نيپال جي سفير تاپس اڌيڪاري ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ان موقعي تي پ??ڏيهي وزير ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ نيپال ڏک?? ايشيا ج?? اهم تنظيم سارڪ جا باني ميمبر ملڪ آهن. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي نيپالي هم منصب جي لاءِ نيڪ خواهشن ??و اظهار ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ نيپال جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ?? تاريخي لاڳاپن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي.