ڪراچي – 23 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اي??ان صدر ۾ منعقد سول اي??ارڊز ورهائڻ واري تقريب ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري کي عوامي خدمتن جي شعبي ۾ ان جي ڪوششن تي تمغه امتياز جو اعزاز عطا ڪيو. گورنر هائوس سنڌ پاران جا??ي پڌرائي موجب ڪامران خان ٽيسوري هڪ ناليواري ڪاروباري ۽ سرندي واري شخصيت پڻ آهي ۽ هو 9 ڀيرا بهترين ايڪسپورٽرز ٽرافي ۽ ٽي ڀيرا بزنس مين آف ??ي ايئر جو اي??ارڊ حاصل ڪري چڪو آهي، ان کانسواءِ هڪ ڀيرو گولڊن سن آف دي ڪنٽري جو اعزاز پڻ کيس ڏنو ويو آهي. ٻئي طرف وزيراعظم محمد شهباز شريف تمغه امتياز ملڻ تي سنڌ جي گورنر کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اي??ارڊ توهان جي خدمتن جو اعتراف آهي. سنڌ جي گورنر چيو ته هن اي??ارڊ جي لاءِ الله تعاليٰ جو شڪرگذار آهيان. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو صوبي جي عوام جي مسئلن جي حل لاءِ وڌيڪ محنت ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪندو.