اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارن کي رعايتي اگهه تي پيٽرول جي فراهم?? جو اصولي فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 10 لک ماڻهن کي رمضان المبارڪ ۾ مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو، وزيرا??ظم سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان کي به ان اسڪيم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ غريب ۽ وچولي طبقي کي مهانگائي جي اثرن کان بچائڻ جي لاءِ قدمن تي اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيرا??ظم شاهد خاقان عباسي، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، وزيرا??ظم جي صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ لاڳ??پي?? اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيرا??ظم جي هدايت موجب اسلام آب??د ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رمضان دوران مفت اٽي جي فراهمي ڪئي ويندي جنهن جي لاءِ پروگرام حتمي مرحلن ۾ آهي، ان اسڪيم سان اسلام آباد جي اٽڪل ڏيڍ لک خاندانن کي مفت اٽو ورهايو ويندو. اجلاس کي موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارن جي لاءِ رعايتي اگهه تي پيٽرول تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ان حوالي سان مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون. وزيرا??ظم پروگرام کي حتمي شڪل ڏئي جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيرا??ظم چيو ته موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارا معاشي طور تي ڪمزور طبقي سان تعلق رکن ٿا ۽ حڪومت انهن کي مهانگائي کان بچائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. وزيرا??ظم اسلام آباد ۾ رمضان دوران غريب ۽ وچولي طبقي کي مفت اٽي جي فراهم?? جو فيصلو ڪيو آهي، اسڪيم تحت اسلام آباد جي 10 لک ماڻهن کي رمضان المبارڪ ۾ مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو. وزيرا??ظم سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان کي به ان اسڪيم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته رمضان المبارڪ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي مسئلن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته مفت اٽي جي ورڇ کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاج?? جو استعمال ڪيو وڃي. وزيرا??ظم جي هدايت تي موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارن کي مهانگائي جي اثرن کان بچائڻ جو پروگرام تيار ڪيو ويو آهي، پروگرام تحت موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارن کي سستي پيٽرول جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي.