اسلام آ??اد – 08 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشري ۾ عورتن جي شاندار ڪردار تي انه?? کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته انس??ني حقن ۽ ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان سرگرم ڪارڪن عائشه صديقه جهڙيُون نوجوان پاڪست??ني ڇوڪريون ملڪ جي روشن مستقبل جي لاءِ اميد جو ڪرڻو آهن. عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته عائشه صديقه پنهنجي صلاحيتن جي ذريعي دنيا کي هڪ بهتر جڳهه بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي جدوجهد جي ذريعي معاشري ۾ متحرڪ ۽ فعال ڪردار ادا ڪندڙ عو??تو?? اميد جو ڪرڻو ۽ روشن مستقبل جي نويد آهن. واضح رهي ته 24 سالا عائشه صديقه جي خدمتن جي اعتراف ۾ ٽائيم ميگزي?? کيس ”هلندڙ سال جي عورت“ قرار ڏنو آهي.