ڪراچي – 06 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي ه??دو برادري سميت سڄي دنيا ۾ هولي ملهائين??ڙن کي رنگن جي ڏڻ جي مبارڪباد ڏني آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب پيپلزپارٽي جي چيئرمين پنهنجي پيغام ۾ چ??و ته هولي جو ڏڻ معاشري ۾ ڀائيچاري جي فروغ ۽ تلخين کي وساري اڳتي وڌڻ جي علامت آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چ??و ته پاڪستان جي ه??دو برادري جو ملڪ جي ترقي ۽ قوم سازي ۾ سدائين فخر جوڳو ڪردار رهيو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چ??و ته 1973ع جو آئين جيڪو ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو قوم کي هڪ تحفو آهي، اقليتن سميت سمورن شهرين کي هڪ جهڙا حق ڏي ٿو. هن چ??و ته هر قسم ج?? امتياز جو خاتمو، رواداري کي فروغ ۽ مساوات تي بيٺل معاشري جو قيام پاڪستان پيپلزپارٽي جو نصب العين آهي. هن چ??و ته بطور قوم ج?? باني وڏن جي نظريي جي واحد علمبردار پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ ۾ بين المذاهب هم آهنگي بابت پنهنجي اڻٿڪ عزم سان گڏ بيٺل آهي.