ابوظهبي – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ لاڳاپن جي ا??ميت کي اجاگر ڪندي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي سمورن شعبن ۾ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ موقعا ڳولڻ تي زور ڏنو آهي. هن واپار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۽ انهن کي ٺوس حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي نجي شعبي جي وچ ۾ رابطي کي تيز ۽ مضبوط بڻائڻ جي ا??ميت تي پڻ زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي نائب صدر، وزيراعظم ۽ دبئي جي حڪمران شيخ مح??د بن راشد المڪتوم سان ملاقات ڪئي. شيخ مح??د بن راشد المڪتوم وزيراعظم جو دبئي ۾ استقبال ڪيو ۽ ان جي قيادت ۾ پاڪستان جي ترقي لاءِ ني?? خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم سندس ۽ سندس وفد جو شاندار استقبال ڪرڻ تي ا?? جا ٿورا مڃيا. هن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات لاڳاپن جي ا??ميت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان گڏيل عرب امارات کي هڪ اعتماد جوڳو سياسي ۽ اقتصادي حصيدار طور ڏسي ٿو. هن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي لاڳاپن کي سمورن شعبن ۾ وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ موقعا ڳولڻ تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن کي فائدو پهچائڻ جي لاءِ موجوده ٻطرفن لاڳاپن کي هر سطح تي وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن واپار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۽ انهن کي ٺوس حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي نجي شعبي جي وچ ۾ رابطي کي تيز ۽ مضبوط بڻائڻ جي ا??ميت تي زور ڏنو. شيخ مح??د بن راشد المڪتوم پاڪستاني ڪميونٽي جي لڳاءُ ۽ مح??ت کي ساراهيو جنهن گڏيل عرب امارات جي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم مح??د شهباز شريف پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن کي ساراهيو ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم مح??د شهباز شريف شيخ مح??د بن راشد المڪتوم کي گڏيل طور تي مناسب تاريخن تي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي هن قبول ڪري ورتو.