اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) پاڪس??ان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف المالڪي چيو آهي ته پاڪس??ان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ سعودي ڊويلپمنٽ فنڊ جي ذريعي هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ جي معاهدن تي صحيحُون ٿينديُون. اها ڳالهه هن سعودي ٽي وي چينل ”الاخباريه“ سان ڳالهائيندي ڪئي. نواف سعيد المالڪي چيو ته پاڪس??ان 1947ع ۾ جڏهن وجود ۾ آيو ته سعودي عرب انهن پهرين ملڪن ۾ شامل هو جنهن پاڪس??ان کي تسليم ڪيو ۽ مدد فراهم ڪئي. هن چيو ته سعودي عرب جي باني کان وٺي خادم الحرمين الشريفين سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد محمد بن سلمان تائين سعودي حڪومت هميشه پاڪس??ان جو ساٿ ڏنو ۽ اقتصادي ۽ مالي مدد ڪئي. هن چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪس??ان جا لاڳاپا مثالي ۽ گهرا آهن ۽ سڀني شعبن ۾ وڌندڙ لاڳاپا آهن، تازو ئي سعودي عرب پاران پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جو جائزو ??ٺڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ سعودي ڊيپازٽ کي به وڌائڻ جو جائزو ??ٺڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ سعودي ڊويلپمنٽ فنڊ جي ذريع?? پاڪس??ان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تيل جي شعبي ۾ هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ جي معاهدن تي صحيحُون ٿينديون. هن چيو ته اهي قدم سعودي عرب ۽ پاڪس??ان جي وچ ۾ مضبوط اسٽريٽجڪ حصيداري جي عڪاسي ڪندا آهن. ان کان اڳ سعودي پريس ايجنسي جي رپورٽ موجب سعودي عرب جي ولي عهد ۽ ??زي??اعظم شهزاده محمد بن سلمان پاڪس??ان ۾ سعودي عرب جي سيڙپڪاري 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جو جائزو ??ٺڻ جي هدايت ڪئي. شهزاده محمد بن سلمان اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪس??ان ۾ سعودي عرب پاران ڊيپازٽ طور رکيل رقم کي به 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ تي غور ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز گذريل سال 25 آگسٽ ت?? پاڪس??ان ۾ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو حڪم ڏنو هو. شهزاده محمد بن سلمان انهي سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ جائزي جي هدايت ڪئي آهي. گذريل سال 2 ڊسمبر تي سعودي عرب پاڪس??ان جي مرڪزي بئنڪ ۾ رکيل 3 ارب ڊالر جي مدي ۾ وڌيڪ هڪ سال تائين اضافو ڪري ڇڏيو هو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪس??ان نومبر 2021ع ۾ سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ سان هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون جنهن تحت سعودي عرب 3 ارب ڊالر اسٽيٽ بئنڪ ۾ رکيا هئا. سعودي خابرو اداري موجب سيڙپڪاري ۾ اضافي بابت جائزي جو اهو اعلان ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ ??زي??اعظم شهباز شريف جي وچ ۾ رابطن جي ڏس ۾ ڪيو ويو آهي.