اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز ش??يف سان گڏيل ق??من جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر/ هيومنٽيرين ڪوآرڊينيٽر جوليئن هارنيئس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز ش??يف جوليئن هارنيئس کي موسمياتي تبديلي جي ڪ??ي ملڪ ۾ آيل تاريخ جي بدترين ٻوڏ ۽ ان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ماڻهن جي زندگين تي پوندڙ مستقل اثرن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم حڪومت جي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪ??ررواين ۽ ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ قدمن تي پڻ روشني وڌي. وزيراعظم جوليئن هارنيئس کي ٻڌايو ته پاڪستان جيڪو اڳ ۾ ئي معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ٻوڏ جي ڪ??ي 40 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي نقصان کي منهن ڏئي رهيو آهي. وزيراعظم گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جا پڻ ٿورا مڃيا جيڪو نه رڳو ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري تي پاڪستان آيو پر مصيبت ۾ گهيريل پاڪستانين جي سڄي دنيا ۾ آواز بڻجي ويو. جوليئن هارنيئس پاڪستاني ٻوڏ متاثرين سان همدردي جو اظهار ڪندي انهن جي بحالي لاءِ گڏيل ق??من پاران مڪمل حمايت کي ورجايو ۽ حڪومت جي متاثرين جي لاءِ وقت سر ريسڪيو، امداد ۽ بحالي جي قدمن کي مثالي قرار ڏنو.