اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ۽ وفاقي حڪومت پاران جوڙيل ٻوڏ رليف مانيٽرنگ ڪميٽي جي ميمبر آغا حسن بلوچ ??يو آهي، ته وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي واريون ڪوششون، وزيراعظم پاران بلوچستان جو باقاعده دورو ?? مالي سهڪار تعريف جوڳا قدم آهن. جڏهن ته ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي ۾ جتي برساتن ۽ ٻوڏ سبب 45 سيڪڙو فصل، اناج ۽ 30 سيڪڙو باغن کي نقصان پهتو آهي، روڊ، بنيادي ڍانچي ۽ ٻين ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي، جنهن لاءِ فوري طور تي مالي امداد جي ضرورت آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير ۽ فل?? رليف مانيٽرنگ ڪميٽي جي ميمبر آغا حسن بلوچ ??يو آهي ته بلوچستان ۾ ٿڌ جي موسم شروع ٿيڻ واري آهي، جيڪا متاثرن جي ڏکيائين ۾ وڌيڪ اضافو ڪندي، چوپائي مال جي وڏي تعداد ۾ مرڻ سبب زنده جانورن ۾ وبا پکڙجڻ جو خدشو وڌي چڪو آهي. هن ??يو ته جهل مگسي، لسٻيله، خاران، قلعه سيف الله ۽ پشين ضلعا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. هن ??يو ته وزيراعظم بجلي جي بلن جي مد ۾ رليف جو ٻن مهينن جو اعلان ڪيو هو، متاثرن جي نقصان کي نظر ۾ رکندي ان سهولت کي هڪ سال لاءِ وڌايو ويو آهي.