اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران نيازي چاهي ٿو ته عوام حق ۽ سچ جو ساٿ نه ڏي پر بشريٰ بي بي، فرح ??وگي ۽ انهن جي ڪرپشن سان گڏ بيهي، نالائق، چور، ڪوڙو فارن فنڊيڊ فتنو ملڪ تي مڙهجي ٿو ته ملڪ تباهه ٿئي ٿو، ملڪ ڪوڙي نالائق فارن فنڊيڊ فتني جي حڪمراني سان خوشحال نه بدحال ٿئي ٿي، ان فارن فنڊيڊ فتني، ڌاڙيل ۽ ڪوڙ جي ملڪ تي مڙهجڻ سان ملڪي معيشت تباهه ٿي، هن چار سال چور چور جو تماشو لڳائي عوام کي بيروزگار، ملڪ کي غريب ۽ ڪمزور ڪيو، هٿ ڦهلائي زڪوات ۽ خيرات گڏ ڪئي ۽ ان کي پنهنجي ذات تي خرچ ڪيو، تعليمي ادارن کي انتشار جو ميدان بڻائيندڙ کي شرم اچڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي سرگوڌا يونيورسٽي ۾ خطاب تي ردعمل جو اظهار ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته صحافت جو سرٽيفائيڊ پريڊيٽر صحافت جي آزادي جو ڀاشن نه ڏي، عمران خان چار سال قانون کي يرغمال بڻائي رکيو ۽ پنهنجي سياسي مخالفن تي ڪو الزام ثابت نه ڪري سگهيو. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته جنهن شخص اٽي ۽ کنڊ تي ڌاڙو هنيو، ان کي عوام ڪيئن وز??راعظم بڻائي ڇڏي؟ جنهن قومي مف??د وڪرو ڪيو، ان کي عوام ڪيئن وز??راعظم بڻائي ڇڏي؟ جنهن ملڪ جي زمين وڪرو ڪئ?? هجي، ان کي عوام ڪيئن وز??راعظم بڻائي ڇڏي؟ هن چيو ته عمران نيازي تقرير رڳو بشريٰ بي بي ۽ فرح ??وگي کي جيل وڃڻ کان روڪڻ جي لاءِ ڪئي، عمران نيازي جن کي چور چوندو ۽ الزام هڻندو آهي، ان تي هڪ به الزام ڇو ثابت نه ڪيو؟ سياسي مخالفن چار سال جيلن ?? قيد ڪيو، ثبوت ڇو پيش نه ڪيا؟ هن چيو ته امر بالمعروف اهو آهي ته الزام ۽ ڪوڙ تي الله کان ڊڄو. وفاقي وز??ر چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ سرڪاري ملازمن کي پگهار ڏيڻ جا پئسا نه آهن ۽ سرگوڌا ۾ ليڪچر، واهه عمران خان واهه…. فارن فنڊيڊ فتني 45 هزار ارب جو قرض ملڪ تي چاڙهي ڇڏيو، هن ٽي سالن ?? 25 هزار ارب رپين جو تاريخي قرض ورتو، خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ حڪومت هٿ ڦهلائي تاريخي 651 ارب رپين جو قرض ورتو، 10 سال خيبرپختونخواهه کي بيروزگار، مهانگو، غريب ۽ قرض ۾ ٻوڙي ڇڏيو، چار سال وفاق ۽ پنجاب ۾ رڳو نواز شريف ۽ شهباز شريف جي منصوبن جا فيٿا ڪاٽيا.