اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پرويز ملڪ انتهائي قابل اعتماد، معاملا فهم ۽ زيرڪ انسان هو، پارٽي جي لاءِ سندس خدمتون سدائين ياد ر??يو?? وينديون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ??زي??اعظم چيو ته منهنجي ڀاءُ ۽ پراڻي ساٿي پرويز ملڪ کي اسان کان وڇڙي اڄ هڪ سال گذري ويو آهي، هو انتهائي قابل اعتماد، معاملا فهم ۽ زيرڪ انسان هو. هن جهڙي طرح پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ ميان نواز شريف جو ساٿ نڀايو اهو پارٽي سان وابستگي ۽ وفا جو انمول داستان آهي، سندس خدمتون سدائين ياد ر??يو?? وينديون۔