برلن – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جرمني جي دوري جي موقعي تي بر??ن ۾ پاڪستان جي سفارتخاني جو دورو ڪيو. هن سفارتخاني ۾ آفيسرن سان ملاقات ۽ ڊيجيٽل ٽوئرازم ڪارنر جو افتتاح پڻ ڪيو. پرڏيهي وز??ر آگمنٽڊ ۽ ورچوئل ريئلٽي جي ذريعي پاڪستان جي سياحتي ورثي جي فروغ کي ساراهيو ۽ پسنديدگي جو اظهار ڪيو. ڊيجيٽل ميونخ جي سي اي او ارسلان منهاس پرڏيهي وزير کي بريفنگ ڏني. پرڏيهي وزير ورچوئل ريئلٽي گلاسز پائي ڊيجيٽل سياحت مان لطف اندوز ٿيو. ڪنهن به پاڪستاني سفارتخاني ۾ ??نه??جي طرز جو هي پهريون منصوبو آهي.