اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 6 سيپٽمبر جي شهيدن کي خراج عقيدت پ??ش ڪندي چيو آهي ته اسان جي بهادر فوج پنهنجي عقيدي ۽ مضبوط ارادي سان اڄ کا?? 57 سال اڳ رات جي اونداهي ۾ پاڪ سر??مين تي حملو ڪندڙ پاڻ کا?? وسيلن ۽ سگهه ۾ چنئوڻ تي و??ي دشمن جا ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملائي ڇڏيا، پوري قوم انهن شهيدن ۽ غازين کي سلام پ??ش ڪري ٿي، اڄ سيپٽمبر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر قوم پنهنجي ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ انهي جذبي سان هڪ جان ۽ ٻه دل بڻجي وئي آهي. وزيراعظم پاڪ فوج جي بهادر سپوتن کي خراج تحسين پ??ش ڪرڻ جي لاءِ وفاقي گادي واري شهر ۾ موجود پاڪستان مانومينٽ ۾ يادگار شهداءِ تي گلن جي چادر چاڙهڻ کا??پوءِ ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پوري قوم اڄ پنهنجي شهيدن ۽ غازين کي سلام پ??ش ڪري رهي آهي جن اڄ کا?? 57 سال اڳ پاڪستان تي رات جي اونداهي ۾ دشمن جي بزدلاڻي حملي تي لااله الاالله جو ورد ڪندي دشمن جو دليري سان مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي رت سان پاڪستان جي سر??دن جي حفاظت ڪئي. هن چيو ته اسان جي انهن شهيدن ۽ غازين پنهنجي جانين جا نذرانا پ??ش ڪري دشمن جي مڪار حملي کا?? پاڪستان جي سر??مين کي بچايو، ڌرتي جي هڪ هڪ انچ جي پنهنجي جان کا?? وڌيڪ حفاظت ڪئي، دشمن جا ڏند کٽا ڪرائي ڇڏيا. وزيراعظم چيو ته اڄ ٻيهر ٻوڏ کا?? متاٿر ماڻهن جي مدد لاءِ پوري قوم هڪ جان ۽ ٻه دلي آهي، نه ڪو پنجابي، نه سنڌي، نه پٺاڻ، نه بلوچي، نه بلتي ۽ نه ڪشميري اهي پر مسلمان ۽ پاڪستاني هر طرح سان هڪ لڙي ۾ پڻجي چڪا آهن. هن برسات ۽ ٻوڏ جو ڏينهن رات مقابلو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ايتري وڏي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ناهي ڏٺي، سڄي قوم، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون، هٿياربند فوج ۽ عوام گڏجي ان جو مقابلو ڪري رهيا آهن، ڏکويل انسانيت جو هٿ پڪڙي رهيا آهن، پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن ان دوران پنهنجي جانين جا نذرانا پ??ش ڪيا آهن. متاثرين کي محفوظ جڳهه تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن هو ميجر عزيز ڀٽي شهيد، ميجر شبير شريف شهيد، سڪوارڊن ليڊر سرفراز احمد رفيق شهيد، ميجر ضياءَ الدين عباسي شهيد سميت هر ان شهيد ۽ غازي کي سلام پ??ش ڪريون ٿا جن پنهنجي جانين جا نذرانا پ??ش ڪندي ملڪ جي چپي چپي جو دفاع ڪيو، قربانين جي اها عظيم داستان رهندي دنيا تائين ياد رکي ويندي. هن چيو ته الله جي مدد ۽ نصرت سان پاڪستان دنيا ۾ پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪندو.