اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرين جي امداد لاءِ اپيل ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ قيامت صغريءِ جو منظر آهي، حڪومت ٻوڏ متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي، متاثرين جي لاءِ کربين رپين جي ضرورت آهي، قوم مصيبت ۾ ورتل ڀائرن جي مدد جي لاءِ دل کولي عطيو ڪن. وزيراعظم محمد شهباز شريف قوم کي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ امداد جي اپيل ڪئي. پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ برساتن جو 30 سال جو رڪارڊ ٽٽڻ ??ان خاص طور تي بلوچستان ۽ سنڌ ۾ تباهي ۽ بربادي ??ان قيامت صغريٰ جو منظر آهي. سوين پاڪستاني ٻوڏ جي بي رحم موجن جي ور چڙهي پنهنجي پٺيان جدائي جو ڏک ڇڏي ويا آ??ن. سوين زخمين جي صحتيابي جي دعا ڪريون ٿا. تمام وڏي انگ ۾ ماڻهو بي گهر آهن، چوپائي مال، فصلن، باغيچن ۽ ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي. صوبائي حڪومتن، وفاقي ۽ صوبائي ادارن ۽ هٿياربند فوج جي ڀرپور تعاون ??ان ا??ان سڀ گڏجي ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آ??يون. مجموعي طور تي 27 ارب رپيا ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ڏنا پيا وڃن. مون فوري طور تي 5 ارب رپين جي رقم اين ڊي ايم اي کي جاري ڪرائي آهي ته جيئن ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي قدمن ۾ تيزي اچي. هر فوت ٿيندڙ جي خاندان کي 10 لک، زخمين، گهرن جي ڪري پوڻ ۽ ٻين نقصانن تي زرتلافي کانسواءِ متاثرين کي 25 هزار رپيا روڪ ادائيگي وڏي پئماني تي جاري آهي جنهن جي لاءِ 80 ارب رپين کان وڌيڪ گهربل آهن. کربين رپين جي نقصان کي پورو ڪرڻ ۽ متاثرين جي بحالي لاءِ کربين رپين جي ضرورت آهي. اهي سمورا قدم ا??ان جو فرض آهي جنهن کي ا??ان محنت ۽ ديانتداري جذبي ??ان سرانجام ڏئي رهيا آ??يون. رستا ۽ پليون وهي وڃڻ سا?? زميني رابطو ڪٽجڻ تي هيليڪاپٽرن کان مدد ورتي پئي وڃي. اهل وطن جي مدد جي ڪوششن دوران پاڪ آرمي جي آڦيسرن شهادت ماڻي قرباني جي عظيم جذبي جو روشن مثال قائم ڪيو آهي. 2005ع جي قيامت خيز زلزلي ۽ 2010ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي موقعي تي به عوام ۽ ادارا مصيبت ۾ ور??ل پاڪستانين جي لاءِ ايثار ۽ قرباني جي اهڙي ئي عظيم جذبي ??ان دنيا ۾ مثال بڻجي ويا هئا. پوري قوم اڳتي وڌي هٿ ونڊرائي ته ا??ان وڌيڪ تيز رفتار ??ان متاثرين جي جلد امداد ۽ بحالي ۾ ڪامياب ٿي سگهون ٿا. ايثار ۽ قرباني ۾ ا??ان جي قوم دنيا ۾ سڀ کان اڳتي آهي. آئون توهان کي تعاون جي درخواست ڪريان ٿو. آقا ڪريم ﷺ کان وڌيڪ ا??ان جي لاءِ ڪو مثال نه ٿو ٿي سگهي جن جي محبت ۾ انصار مصيبت ۾ ورتل ڀائرن جا ڏک ورهايا هئا. ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ قائم فنڊ ۾ دل کولي عطيا جمع ڪرائين. اچو! مصيبت ۾ ورتل ڀائرن جي انصار مدينه وانگر مدد ڪريون ته جيئن محشر جي مشڪل گهڙيءَ ۾ الله تعاليٰ ا??ان تي رحم فرمائي.