اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ري??يو ۽ پاڪستان جو جنم گڏ ٿيو. ري??يو پياري پاڪستان جو آواز ۽ پاڪستانيت ج?? علامت آهي، ري??يي معاشري ۾ اعتدال پسند روين جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ري??يو جي ڪردار ۾ گهٽتائي سان معاشري ۾ انتهاپسد رويا وڌيا. اها ڳالهه هن ري??يو پاڪستان جي اهتمام هيٺ پاڪستان قائم ٿيڻ ۽ ري??يو پاڪستان جي ڊائم??ڊ جوبلي جي موقعي تي منعقد تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪئي. تقريب ۾ ري??يو پاڪستان جي سينيئر فنڪارن، صداڪارن، ليکڪن، شاعرن، موسيقارن ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي خاص طور تي گهرايو ويو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ري??يو پاڪستان جا سينيئر آرٽس اسان جو اثاثو آهن، اسان کي انهن جي هنر ۽ صلاحيتن مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته سينيئر آرٽسٽن کانسواءِ اسان جون ڊائم??ڊ جوبلي تقريبون مڪمل نه ٿيون ٿين. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير مختلف ڪيٽيٽگريز ۾ چونڊجندڙ ماڻهن ۾ ايوارڊ پڻ ورهايا. اطلاعات واري وفاقي وزير سينيئر آرٽسن سان گڏجي پاڪستان جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ۽ انهن کي خراج تحسين پيش ڪيو. تقريب ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين ري??يو پاڪستان تي هلندڙ قومي ترانن، قومي نغمن جون جهلڪيون ۽ خصوصي پرفارمنس پڻ پيش ڪي??ن ويون. اطلاعات واري وفاقي وزير ان موقعي تي ري??يو پاڪستان جي انتظاميا ۽ سينيئر آرٽسٽن کي پاڪستان جي سالگرهه جي مبارڪباد ڏني. تقريب ۾ ڊائريڪٽر جنرل ري??يو سهيل علي خان، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن سميت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.