اسلام آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي صدارت ۾ سرڪاري اشتهارن جي ورڇ ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڏا فيصلا ڪيا ويا آهن، باقاعدگي سا?? شايع ٿيندڙ اخبارن کي من??فا??ي ۽ شفاف طريقي سا?? اشتهار جاري ڪيا ويندا. ذريعن موجب ان اجلاس ۾ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن سميت ٻيا اعليٰ عملدار شريڪ هئا. اجلاس ۾ في??لو ڪيو ويو ته اشتهارن جي ورڇ اخبارن ۽ رسالن جي ڇپائي جي انگ جاچڻ جي لاءِ ڊيجيٽل نظام آندو وڃي. اجلاس کي اخبارن ۽ رسالن جي ڇپائي جاچڻ جي لاءِ فهرست (اي بي سي) جي حوالي سا?? بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ قومي ۽ علائقائي اخبارن ۽ رسالن جي اي بي سي بابت جامع پاليسي اختيار ڪرڻ تي غور ڪيو ويو. اخبارن جي باقاعدگي سا?? ڇپائي ۽ انگ جاچڻ لاءِ معاملن تي تفصيلي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي (سينٽرل ميڊيا لسٽ) ۾ موجود اخبارن جي تفصيلن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ اصولي في??لو ڪيو ويو ته باقاعدگي سا?? شايع ٿيندڙ اخبارن ۽ رسالن کي من??فا??ي ۽ شفاف طريقي سا?? اشتهار جاري ڪيا ويندا. اجلاس ۾ اشتهار رڳو باقاعدگي سا?? شايع ٿيندڙ اخبارن ۽ رسالن کي ئي جاري ڪرڻ جو في??لو ڪيو ويو آهي.