نيويارڪ – 19 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي گڏيل قوم?? جي چارٽر، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل سان ئي ممڪن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??يويارڪ ۾ گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي صدر ۽ مالديپ جي پرڏيهي وزير عبدالله شاهد سان مالقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. پرڏيهي وزير دن??ا کي درپيش پراڻي ۽ نئين چئلينج?? جي حل جي لاءِ جنرل اسيمبلي جي صدر جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چ??و ته پاڪستا?? جيڪو جي 77 جي صدارت ڪري رهيو آهي، جي صدارت ڪري رهيو آهي، جنرل اسيمبلي ۾ ترقي جي ايجن??ا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ محنت ڪم ڪيو آهي. هن چ??و ته پاڪستان ۽ جي 77 عالمي غذائي بحران، ڪوويڊ ويڪسي?? جي برابر ورڇ، ان وبا مان نڪرڻ جي لاءِ مالي وسيل?? جي فراهمي، ماحوليات جي حوالي سان مالي معاونت جي فراهمي ۽ اسرندر ملڪن ۾ پائيدار انفراسٽرڪچر جي لاءِ سيڙپڪاري وڌائڻ جي اميد رکن ٿا. گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل ۾ سڌار?? جي عمل جي اهميت تي زور ڏيندي پرڏيهي وزير ان معاملي تي ڪو به فيصلو گڏيل قوم?? جي ميمبر ملڪ?? جي اتفاق راءِ سان ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي پاران 15 مارچ کي اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏينهن ??لهائڻ جي قدم کي ساراهيو ۽ ان عزم کي ورجا??و ته پاڪستان اسلامو فوبيا جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي سان گڏجي متفقه پلا?? جي تياري ۾ تعاون ڪندو. پرڏيهي وزير 5 آگسٽ 2019ع کان والايرل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران ڪيل غيرقانوني ۽ هڪ طرفو قدم واپس وٺڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير جنرل اسيمبلي جي صدر کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غيرقانوني حدبندين بابت پڻ آگاهه ڪيو جن جو مقصد والاريل علائقي جي آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ آهي.