اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته مختلف مذ??بن جي ماڻهن جي وچ ۾ پرامن گڏيل بقاءَ جي لاءِ بين المذاهب هم آهنگي ۽ گڏيل افهام تفهيم جي ضرورت آهي، معاشري کي روادار بڻائڻ جي لاءِ گڏيل احترام کي فروغ ڏيڻ لازمي ??هي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان آرچ بشپ آف ڪينٽربري جسٽن ويليبي ملاقات ڪئي. جنهن ۾ مذ??بي ادارن خاص طور تي مسجدن ۽ چرچ جي اهميت تي روشني وڌي وئي. پڌرنامي ۾ چيو ويو ??هي ته مذ??بي ادارا قومن جي وچ ۾ مذ??ب هم آهنگي ۽ گڏيل افهام تفهيم جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??ه دنيا کي مختلف مسئلا درپيش آهن، معاشري کي روادار بڻائڻ جي لاءِ گڏيل احترام کي فروغ ڏيڻ لازمي آهي، دنيا کي انسانيت ۽ امن جي لاءِ ڪم ڪرڻ، ماڻهن جون مصيبتون ۽ تڪليفون ختم ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت ??هي. هن چيو ??ه پاڪستان 40 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي. پناهگيرن جي سارسنڀال ڪرڻ عالمي برادري جي پڻ اخلاقي ذميواري ??هي. آرچ بشپ چيو ??ه پناهگيرن جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي ڪنوينشن جي ضرورت ??هي.