اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيم??لي جي اسپيڪر اسد قيصر ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ قومي اسيم??لي ۾ قانونسازي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جي انضمام ٿيل ضلعن جي تع??ير ۽ ت??قي کي يقيني بڻائي انهن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ بابت معاملا پڻ بحث هيٺ آيا. وزيراعظم نوجوانن جي لاءِ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪري خيبرپختونخواهه جي انضمام ٿيل ضلعن جي ترقي کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي.