اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪ??يٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته مخالف ڌر اڳواڻن پ??هنجا اثاثا ٻاهرين ملڪ ٺاهيا آهن، اهي ع??ران خان ۽ احتساب جي ڊپ کان گڏجي رهيا آهن، عدم اعتماد جي رٿ بي شڪ کڻي اچن، ناڪامي انهن جو مقدر بڻجندي، اهي لُٽيل دولت وطن واپس آڻيندا. سينيٽ ۾ اعتراض واري نقطي تي خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته عوام جي پئسي سان ايوان جي ڪارروائي هلندي آهي پر مخالف ڌر بار بار ڪورم جي نشاندهي ڪري هلي ويندي آهي، اهي جيڪو مرضي ڪري وٺن، ناڪامي انهن جو مقدر هوندي، ايماندار صوبيدار اچي وڃي ته س??ورا چور گڏجي ويندا آهن، مقصود نوڪر جي اڪائونٽ مان 35 ڪروڙ ڪٿان آيا سڀ ڄاڻن ٿا، 14 ملازمن جي اڪائونٽس ۾ 1600 ڪروڙ روپيا جمع ڪرايا ويا، مخالف ڌر اڳواڻن پ??هنجا اثاثا ٻاهرين ملڪ ٺاهيا آهن، سري محل ۽ ايون فيلڊ اپارٽمينٽس انهن جي ملڪيت آهن، هن چيو ته انهن جو پنهنجي ملڪ سان ڪا به ڏي وٺ نه آهي، 1999ع کان 2017ع تائين نيب 290 ارب روپين جون وصولين ڪيون جڏهن ته تحريڪ انصاف جي پهرين ٽن سالن ۾ 484 ارب روپيا وصول ڪيا ويا آهن، هن چيو ته وزيراعظم عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ وڃي رهيو آهي، مخالف ڌر جيڪو مرضي ڪري وٺي ع??ران خان جو ڪجهه بگاڙي نٿي سگهي، کيس اين آر او نه ملندو.