بيجنگ – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيني ڪا??پوريٽ اڳواڻن کي سيڙپڪاري لاءِ سازگار ما??ول پيدا ڪرڻ جي حڪومتي قدمن کان آگاهه ڪندي سي پيڪ خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري لاءِ ڪا??وبار دوست پاليسين مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ڏني آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان بيجنگ ۾ چين جي مشهور سرڪاري ۽ نجي ڪمپنين جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. ملاقات ڪندڙن ۾ چائنه ڪميونيڪيشن ڪنسٽرڪشن ڪمپني، هائوزانگ ٽيڪنالاجي، زي جيانگ سي پورٽ گروپ، چيلينج فيشنز، هونان سن واڪ گروپ، رائل گروپ، چائنا روڊ اينڊ برج ڪا??پوريشن، زنگ بانگ گروپ ۽ چائنا مشينري انجنيئرنگ ڪا??پوريشن جا اعليٰ عملدار شامل هئا. ڪا??پوريٽ اڳواڻن وزيراعطم کي پاڪستان ۾ پنهنجي جاري منصوبن تي ا??ڀر??ئي کان آگاهه ڪيو، هن ڌاتن ۽ ڪا??ذن جي ري سائيڪلنگ، توانائي، ٽيڪسٽائيل، فائبر آپٽڪس نيٽ ورڪس، هائوسنگ، ڊيري ۽ واٽر مينيجمينٽ بابت منصوبن ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي، چائنه ڪميونيڪيشن ڪنسٽرڪشن ڪمپني تعميراتي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي لاءِ ڪم ڪري ٿ??، هائوزانگ ٽيڪنالاجي جامع ڪا??ذ سازي جي سامان ۾ مهارت رکي ٿ??، زي جيانگ سي پورٽ گروپ چين جي سڀ کان وڏي پورٽ آپريٽرز مان هڪ آهي، چيلينج فيشنز هڪ مشهور ٽيڪسٽائيل ڪمپني آهي، هونان سن واڪ گروپ جو بنيادي ڪا??وبار مواصلات، ٿري ڊي پرنٽنگ ۽ تعميرات آهي، رائل گروپ چين جو سڀ کان وڏو ڳئون جو کير پيدا ڪ??دڙ سڀ کان وڏو گروپ آهي، چائنا روڊ اينڊ برج ڪا??پوريشن سول انجنيئرنگ ۽ تعميراتي مصنوبن تي ڪم ڪندو آهي، زنگ بانگ گروپ صوبه جيان زي جو وڏو زرعي انٽر پرائيز آهي ۽ چائنا مشينري انجنيئرنگ ڪا??پوريشن چين جي وڏي زرعي صنعتي مشينري ڪمپنين مان هڪ آهي، ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيني ڪمپنين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي کي ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي اجاگر ڪندي چيني ڪا??پوريشن اڳواڻن کي پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري لاءِ سازگار ما??ول پيدا ڪرڻ جي حوالي سان کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ کين سي پيڪ خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري لاءِ ڪا??وبار دوست پاليسين مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ڏني، ان موقعي تي وزيراعظم سان گڏ وفاقي وزير، صلاحڪار ۽ اعليٰ عملدار به هئا.