اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پارليامينٽ هائوس ۾ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ قانون سازي، قو??ي اسيمبلي جي ايجنڊا ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قو??ي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ملاقات ۾ طئي ٿيو ته فنانس ترميمي بل تي مخالف ڌر کي خيالن جو ا??هار ڪرڻ جو ڀرپور موقعو فراهم ڪيو ويندو ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ التوا ۾ پيل بلن جي جلد منظوري ل??ءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا ويندا. اسپيڪر چيو ته قو??ي اسيمبلي عوامي مسئلن جي حل ۽ ڀلائي ۽ ترقي جي ل??ءِ پنهنجو آئيني ڪردار ڀرپور طريقي سان ادا ڪندي ۽ آئين ۾ مقرر 130 ڏينهن کي پورو ڪيو ويندو. هن جو چوڻ هو ته قو??ي اسيمبلي عوامي اميدن تي پورو لهڻ ل??ءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.