اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جهلم جي بهادر فرزند ميجر محمد اڪرم شهيد (نشان حيدر) کي خراج عقيدت ??يش ڪندي چيو آهي ته م??جر محمد اڪرم شهيد حب الوطني جي جذبي، جنگي فهم ۽ فراست ۽ انساني حوصلن جو معراج هو. ميجر محمد اڪرم شهيد جي 50 هين شهادت جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته م??جر محمد اڪرم شهيد 1971ع جي ??نگ دوران اوڀر پاڪستان جي علائقي حل?? جي محاذ تي سمورين مشڪلاتن جي باوجود دشمن جو عزم ۽ حوصلي سان مقابلو ڪيو ۽ 5 ڊسمبر 1971ع تي ڀارت جي خلاف بهادري سان وڙهندي شهادت ??اڻي. هن چيو ته پوري قوم جهلم جي بهادر فرزند ميجر محمد اڪرم شهيد کي خراج عقيدت ??يش ڪري ٿي، ملڪ ۽ قوم جي لاءِ سندس عظيم قرباني کي سدائين ياد رکيو ويندو.