اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو آهي ته شريف فيملي وٽ رسيدون ۽ رڪارڊ نه آهي ان لاءِ ڪڏ??ن وڊيو اچي ويندي آهي ته ڪڏ??ن آڊيو ۽ هاڻي بيان حلفي اچي ويو آهي، بيان حلفي به قطري خط، جعلي ٽرسٽ ڊيڊ ۽ فليٽس ذريعن وانگر ردي جي ٽوڪري ويندو، سڄي ملڪ ۾ اسٽيٽ لينڊ جي ڊجيٽلائيزيشن جو عمل جاري رهندو، سنڌ حڪومت هر سٺي ڪم جي طرح اسٽيٽ لينڊ جي ڊجيٽلائيزيشن ۾ به بلڪل تعاون نه ڪري رهي آهي، سروي موجب پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ 81 هزار 209 مربع ڪلوميٽر ز??ين جي ڊجيٽلائيزيشن ٿي چڪي آهي، 8 لک 24 هزار 210 ايڪڙ ز??ين تي قبضو آهي، قبضو ٿيل سرڪاري ۽ پرائيويٽ لينڊ جي ماليت 5500 ارب بڻجي ٿي، قيام پاڪستان کانپوءِ عمران خان واحد وزيراعظم آهي جنهن سرڪاري ز??ين جي آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هو سي ڊي اي بابت خاص مددگار علي نواز اعواڻ سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو، مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب سرڪاري ۽ پرائيويٽ ز??ين رڪارڊ جا سڌارا تڪميل جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهن، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪيڊسٽرل ميپنگ جي ذريعي لينڊ جي ڊجيٽلائيزيشن سروي آف پاڪستان ڪري رهيو آهي، ماضي ?? هڪ مساوي کي اسڪين ڪري چيو ويو ته لينڊ رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ٿي چڪو آهي، اهو حقيقت جي ابتڙ هو. هن چيو ته لينڊ ڊجيٽلائيزيشن ۾ پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي حڪومتن مڪمل تعاون ڪيو جنهن سان 88 سيڪڙو لينڊ جي ڊجيٽلائيزيشن مڪمل ٿي چڪي آهي، سنڌ حڪومت هر بهترين ڪم وانگر ان معاملي ۾ به تعاون نه ڪيو، سنڌ حڪومت نٿي چاهي ته اسٽيٽ لينڊ جو پتو پوي ته ڪيتري ز??ين تي قبضو آهي، پيپلزپارٽي 13 سالن کان سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي، چائنه ڪٽنگ، سرڪاري ز??ين تي ملي ڀڳت سان قبضو ڪرايو ويو، هن ٻڌايو ته ريلوي جي 825 ايڪڙ، سول ايوي ايشن جي 816 ايڪڙ، اويڪيوٽرسٽ ملڪيت جي 117 ارب ۽ اين ايڇ اي جي 52 ارب روپين جي ماليت جي ز??ين تي قبضي جي نشاندهي ٿي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو ته شميم جو بيان حلفي به قطري خط، جعلي ٽرسٽ ڊيڊ ۽ فليٽس جي ذريعن وانگر ردي جي ٽوڪري ۾ ويندو، شريف فيملي وٽ رسيدون ۽ رڪارڊ نه آهي ان لاءِ ڪڏ??ن وڊيو ايندي آهي ته ڪڏ??ن آڊيو ۽ هاڻي اهو بيان حلفي اچي ويو آهي.