اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سنڌ جي گورنر کي هدايت ڪئي آهي ته ربيع الاول جي پهرين عشره کي نبي آخرالزمان حضرت محمد ﷺ جي سيرت طيبه ۽ تعليم کي سڄي صوبي ۾ اجاگر ڪرڻ جي لاءِ تقريبون منعقد ڪيون وڃن. وزيراعظم سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ 12 ربيع الاول شايان شان طريقي سان ملهائڻ جي حوالي سان مختلف قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي گور??ر وزيراعظم کي ٻڌايو ته 12 ربيع الاول جي مناسبت سان هڪ عظيم الشان ڪانفرنس منعقد ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ ناليوارن اسڪا??رز?? مذهبي عالم سڳورن کي گهرايو ويندو. سنڌ جي گور??ر وزيراعظم کي شرڪت ?? خطاب جي درخواست ڪئي جنهن کي وزيراعظم منظور ڪيو. وزيراعظم وڊيو لنڪ ذريعي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. ڪانفرنس جي تاريخ جو ا??لا?? جلد ڪيو ويندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته عشره کي نبي آخرالزمان حضرت محمد ﷺ جي سيرت طيبه ۽ تعليم کي سڄي صوبي ۾ اجاگر ڪرڻ جي لاءِ تقريبون منعقد ڪيون وڃن.