اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته خيبرپختونخوا صوبي جي ضم ٿيل ضلعن (اڳوڻي فاٽا) جي تر??ي پاڪستان جي تر??ي آهي، قبائلي علائقن کي تر??ي ڏيڻ وزيراعظم جو ويزن آهي، فاٽا ضم ٿيڻ تي علائقي واسين جي جذبن کي سمجهون ٿا، ڏسڻو اهو آهي ته ڪهڙي طرح اڳتي وڌنداسين. پارليامينٽ هائوس ۾ قبائلي چڱن مڙسن جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن قبائلي چڱن مڙسن جو پارليامينٽ هائوس اچڻ تي ٿورو ادا ڪندي چيو ته قبائلي عوام جي پاڪستان جي لاءِ وڏيون قربانيون آهن ڇو ته اتي جي عوام هڪ جنگ مان نڪري آئي آهي، هن چيو ته اسان فاٽا جي تر??ي کي پوري ??اڪستان جي تر??ي سمجهون ٿا، قبائلي چڱن مڙسن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ صورتحال کي سمجهڻ ۾ مدد ملي آهي، هن چيو ته قبائلي ضلعن کي تر??ي ڏيڻ وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، فاٽا جي تر??ي ۽ بحالي جي لاءِ پارليامينٽ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اسان پوري ڪوشش شروع ڪري ڇڏي آهي ته جيئن ضم ٿيل قبائلي علائقن جي عوام کي انهن جو حق ملي سگهي.