اسلام آباد -18 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم اف??ان??تان نه صرف پاڪستان بلڪه سڄي خطي ل??ءِ انتهائي اهميت جوڳو آهي. اجتماعيت جي حامل سياسي حل ذريعي اف??ان??تان ۾ امن جو قيام خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ ترقي ل??ءِ اڻٽر آهي. اهڙو اظهار هن ڪينيڊين پرڏيهي وزير مارڪ گارنيو سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. ڳالهين دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ افعانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. هن چيو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افعانستان نه صرف پاڪستان بلڪه خطي ل??ءِ انتهائي اهم آهي. هن ڪينيڊين پرڏيهي وزير کي اف??ان??تان جي صورتحال تي متفقه راءِ عمل جوڙڻ لاءِ ڪيل هاڻوڪي چار ملڪي دوري جي تفصيلن کان آگاه ڪيو. شاه محمود قريشي اف??ان??تان ۾ اجتماعيت جي حامل سياسي حل جي ضرورت تي زور ڏيندي اف??ان??تان ۾ امن جي قيام کي خطي جي امن ۽ استحڪام ۽ ترقي ل??ءِ اڻٽر قرار ڏنو. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو اف??ان??تان جي معاشي ۽ انساني معاونت لاءِ اڳتي وڌن. هن چيو ته پاڪستان، اف??ان??تان ۾ انساني الميي کي نظر ۾ رکندي افغانين کي هوائي زميني رستي امدادي سامان جي فراهمي جاري رکي آهي. پرڏيهي وزير اف??ان??تان کي امدادي سامان موڪلڻ لاءِ انساني راهداري کولڻ بابت ڪينيڊين هم منصب کي آگاه ڪيو. هن چيو ته عالمي برادري کي انهن مل??ن کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي جيڪي وڏي عرصي کان ل??ين افغان مهاجرين جي ميزباني ڪندا پيا اچن. پرڏيهي وزير ٻه طرفن لاڳاپن جي نوعيت تي اطمينان ڪندي انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان ڪورونا وبا جي صورتحال ?? بهتري جي صورت ۾ پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ ايندڙ سياسي مشاورتي اجلاسن جا منتظر آهيون. پرڏيهي وزير ڪينيڊين پرڏيهي وزير سان هيملٽن ڪينيڊا ۾ پاڪستاني ڪيندين شهري جي مارجڻ ۽ ان جي 63 سالن جي والد فقير علي جي اغوا جو معاملو اٿاريو. ڪينيڊين پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي کي خاطري ڪرائي ته متاثر خاندان کي انصاف جي فراهمي ل??ءِ ڪينيڊين حڪومت معاملي جي مڪمل جاچ ڪري رهي آهي. پرڏيهي وزير ڪينيڊين هم منصب کان مطالبو ڪيو ته وبائي صورتحال ۾ بهتري کي نظر ۾ رکندي شاگردن ۽ ڪاروباري شخصيتن جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ ويزا ايڊوائيزري تي نظرثاني ڪئي وڃي. ڪينيڊين پرڏيهي وزير اف??ان??تان ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو ۽ ڪابل مان ڪينڊين شهرين جي نيڪالي ۾ پاڪستان طرفان فراهم ڪيل معاونت تي پرڏيهي وزير ۽ پاڪستاني قيادت جو شڪريو ادا ڪيو. پرڏيهي وزير ڪينڊين هم منصب کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان اف??ان??تان ۾ واپسي جي عمل ۾ معاونت جو سلسلو جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي.