پشاور – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پشاور ۾ شوڪت خانم ميموريل ڪينسر ا??پتال جو دورو ڪيو ۽ نئين تعمير ٿيندڙ آپريشن روم ۽ انتهائي نگهداشت جي يونٽ جو افتتاح ڪيو. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراع??م چيو ته پشاور ۾ شوڪت خانم ميموريل ڪينسر ا??پتال جو دورو ڪري کيس خوشي ٿي آهي، ان جديد سهولتن جي افتتاح سان پشاور ۾ شوڪت خانم ميموريل ڪينسر ا??پتال جي مڪمل ٿيڻ جو حتمي مرحلو مڪمل ٿيو آهي. پشاور ۾ شوڪت خانم ميموريل ڪينسر ا??پتال 2015ع ۾ کولي وئي هئي، وزيراع??م چيو ته پشاور ۾ شوڪت خانم ميموريل ڪينسر ا??پتال ۽ ريسرچ سينٽر جي قيام سان خيبرپختونخوا، اسلام آباد ۽ اترين علائقن جي عوام کي هڪ ڇت هيٺ ڪينسر ??ي سڃاڻپ ۽ علاج جون سموريون سهولتون ميسر ??ينديون. هن چيو ته لاهور ۾ شوڪت خانم ميموريل ڪينسر ا??پتال 1994ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي، ان وقت جي سمورن مريضن جي تعداد ۾ 30 سيڪڙو کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۽ افغانستان مان علاج لاءِ لاهور ويندا هئا، جنهن جي ڪري اسان پشاور ۾ شوڪت خانم ميموريل ڪينسر ا??پتال قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، وزيراعظم سرندي وارن ماڻهن کي اپيل ڪئي ته هو ف??اخدلي سان عطيا ڏيندا رهن ته جيئن ڪينسر ??ي مريضن جي علاج لاءِ اهي ٻئي اسپتال مريضن جي تعداد ۾ اضافي جي باوجود انهن جو مفت علاج جاري رکي سگهن ۽ منصوبي موجب ڊسمبر 2023ع ۾ ڪينسر ??ي مريضن جي علاج لاءِ ڪراچي ۾ به نئين اسپتال ڪم شروع ڪندي.