اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وفاقي ٽيڪس محتسب ۽ ايف ??ي آر پنهنجي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتري آڻي ڪاروبار ۾ آسانين بابت مسئلن کي گهڻي حد تائين ختم ڪري سگهن ٿا، ٽيڪس جي ??ظام ۾ شفافيت آڻڻ سان روينيو گڏ ڪرڻ ۾ نمايان اضافو ٿيندو، ٽيڪس گڏ ڪرڻ ضروري آهي تنهن هوندي به ان لاءِ ٽيڪس جو نظام سادو، آسان ۽ شفاف بڻائڻو پوندو، رياستي اختيارن ۾ توازن ۽ احتساب ۽ جوابدهي جي ??ظام سان جمهوريت مضبوط ٿيندي آهي. اهڙن خيال?? جو اظهار هن ايوان صدر ۾ وفاقي ٽيڪس محتسب پاران منعقد عوامي آگاهي سيمينار کي خاص مهمان جي طور تي پنهنجي اهم خطاب ۾ ڪيو. ان موقعي تي ايف ??ي آر چيئرمين عاصم احمد، وفاقي ٽيڪس محتسب مشتاق احمد سکيرا، مختلف چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز ۽ ٽيڪس بار ايسوسئيشنز جا عهديدار ۽ نمائنده به موجود هئا. صدر چيو ته انساني تاريخ ۾ حڪمرانن جي احتساب جي روايت مديني جي رياست کان شروع ٿي جيڪا خلفاءِ راشدين جي دور ۾ عروج تي پهتي، احتساب ۽ جوابدهي جي ان نظام جي ??يروي بعد ۾ ايندڙ مسلمان حڪمرانن به ڪئي. صدر چيو ته رياستي اختيارن ۾ توازن ۽ احتساب ۽ جوابدهي جي ??ظام سان جمهوريت مضبوط ٿيندي آهي. بدعنواني جو خاتمو اسان جي ترجيحن ۾ شامل هجڻ گهرجي ڇو ته بدعنواني سان معاشري جي ??عاشي طور تي ڪمزور ۽ غريب طبقا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا آهن، صدر چيو ته پاڪستان ۾ جي ڊي پي ۽ آبادي جي تناسب سان ٽيڪس ڏيندڙن جي شرح دنيا جي ??ين ملڪن جي ??قابلي ۾ گهٽ آ??ي ان جا جتي ٻيا سبب آهن اتي ٽيڪس جي ??ظام ۾ ڏٺيون ويندڙ پيچيدگيون ۽ خاميون به اهم سبب آهن، اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته موجوده حڪومت جي ??داين ۽ رهنمائي ۾ ايف ??ي آر انهن خامين ۽ پيچيدگين جي خاتمي لاءِ قدم?? جو سلسلو شروع ڪيو آهي. صدر چيو ته ٽيڪنالاجي جي درست ۽ بهتر استعمال سان ٽيڪس جي ??ظام ۾ ڏٺيون ويندڙ پيچيدگين ۽ خاتمين کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي، چين ۾ هن وقت ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي استعمال سان قرض لاءِ درخواستون ڏيندڙن کي پنج منٽن جي اندر لاڳاپيل ادارن کان فيڊ بيڪ ملي رهيو آهي. صدر چيو ته وفاقي ٽيڪس محتسب ۽ ايف ??ي آر پنهنجي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻي ڪاروبار ۾ آسانين بابت مسئلن کي گهڻي حد تائين ختم ڪري سگهن ٿا، ٽيڪس جي ??ظام ۾ شفافيت آڻڻ سان ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۾ نمايان اضافو ٿيندو، ٽيڪس گڏ ڪرڻ ضروري آهي، تنهن هوندي به ان لاءِ ضروري آهي ته ٽيڪس جو نظام سادو، آسان ۽ شفاف هجي ۽ هڪ اهڙو نظام هجي جتي ماڻهن کي ڪنهن قسم جي ??ريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي. صدر چيو ته محتسب بابت ادارا پنهنجو ڪردار بهترين طريقي سان ادا ڪري رهيا آهن تنهن هوندي به انهن ادارن جي ڪردار ۽ ان طريقيڪار جي باري ۾ عوام کي وڌيڪ خبر ناهي هوندي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان ڏس ۾ عوامي آگاهي کي فروغ ڏنو وڃي. ا??ي ادارا عدالتن جي ??تبادل ناهن پر ا?? جو دائره اختيار صرف حڪومت جي ??ختلف ادارن جي عملدارن پاران اختيارن جي استعمال بابت معاملن ۽ شڪايت?? جو جائزو وٺڻ آهي. صدر چيو ته انهن ادارن جي باري ۾ عوام ۾ شعور ۽ آگاهي پکيڙڻ لاءِ ضروري آهي ته انهن ادارن جي عوامي شڪايتن تي ڪيل اهم فيصلن کي ماڻهن جي سامهون آندو وڃي. صدر سيمينار جي انعقاد تي منتظمين جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته ان طرح جا سيمينار ٻين شهرن ۾ به ٿيڻ گهرجن.