اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جو يوم پيدائش جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ايوان صدر ۾ خصوصي تقريب کانسواءِ س??ڪا??ي ۽ نجي سطح تي ٻيون تقريبون منعقد ڪيون ويون، سول ۽ عسڪري قيادت خصوصي پيغام جاري ڪيا ۽ ڏکڻ ايشيا جي عظيم اڳواڻ ۽ سندس ساٿين جي آزاد ملڪ پا??ستان جي لاءِ عظيم جدوجهد ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي انهن جي نقش قدم تي هلندي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. باني پا??ستان جي 144 هين يوم پيدائش جي موقعي تي ڏينه?? جو آغاز ملڪ ۽ قوم جي ترقي، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي دع??ئن سان ٿيو، ڪراچي ۾ مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب ٿي جنهن ۾ پا??ستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول جي هڪ دستي گارڊ جا فرض سنڀاليا. پا??ستان ملٽري اڪيڊمي جي ڪمانڊنٽ ميجر جنرل عمر احمد بخاري ان موقعي تي خاص مهمان هو. هن مزار تي گلن جي چادر چارهي، فاتحه خواني ڪئي ۽ ان کانپوءِ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا. ملٽري اڪيڊمي جي دستي مارچ پاسٽ ڪيو ۽ باباءِ قوم کي سلامي ڏني. س??ڪا??ي ۽ نجي سطح تي قرآن خواني ۽ جهنڊو ڦڙڪايو ويو، قائداعظم محمد علي جناح 25 ڊسمبر 1876ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو، باباءِ قوم جي يوم پيدائش جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل هئي، س??ڪا??ي ۽ نجي سطح تي تقريبن ۽ خصوصي پيغامن ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي فڪر ۽ ان جي تعليم کي اجاگر ڪرڻ لاءِ خصوصي تقريب?? جو اهتمام ڪيو ويو.