اسلام آباد-28 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشيءَ سان ڊاڪٽر عبدالله عبدالله جي ملاقات ۾ افغان مفاهمتي عمل، بين الافغان ڳالهيون ۽ گڏيل دلچسپيءَ جا ??عاملا بحث هيٺ آيا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاڪستان جي دؤري ??ي آيل افغان اعليٰ سطحي مفاهمتي ڪائونسل جي ??يئرمين ڊاڪٽر عبدالله عبدالله ۽ ان جي وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو ڏنو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افغان اعليٰ سطحي مفاهمتي ڪائونسل جي ??يئرمين ڊاڪٽر عبدالله عبدالله وچ ۾ پرڏيهي وزارت ۾ غير رسمي ڳالهه ٻولهه ٿي. قومي اسيمبليءَ جي قائمه ڪميٽي جو چيئرمين احسان الله توانا پڻ ان موقعي تي مو??ود هو.