اسلام آباد – 13 نو??بر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي، پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري اچڻ شروع ٿي وئي آهي، حڪومت پرڏيهي سيڙپڪارن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري رهي آهي، ايندڙ مرحلي ۾ اسان کي پن??نجي نوجوانن کي روزگار ڏيڻو آهي، چين سان ڪڏهن به ايترا بهتر لاڳاپا نه هئا جيترا هاڻي آهن، گڏيل منصو??ن جي حوصلا افزائي ڪري رهيا آهيون. ميسرز ايم ??يس ڊي ٽائر اينڊ رٻر ڪمپني، ميسرز ڊبل اسٽار چائنا ۽ ڊا??يوو پاڪستان ايڪسپريس بس سروس جي وچ ۾ پاڪستان جي ٽائرن جي تياري جي ٽه ڌريي معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته چين جي ڪمپني پاران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي آجيان ڪريون ٿا.