اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته نواز شريف ادارن جي خلاف هڪ ڀيرو ٻيه?? غلط ڳالهيون ڪيون، پي ڊي ايم سرحدن جي محافظ ادارن جي خلاف زهر اوڳاڇي رهي آهي، پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پي ڊي ايم بيانيي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي، نواز شريف کي بدعنواني تي عدالتن ڏوهاري قرار ڏنو آهي، ڦريل دولت بچائڻ جي لا??ِ ڪنهن کي جمهوريت جي آڙ وٺڻ نه ڏينداسين، پي ڊي ايم جي پاڻ کي رڳو احتساب کان بچائڻ جي هڪ نقاطي ايجنڊا آهي، عمران خان جي سياست جو مقصد ڪرپٽ عنصرن کان ??لڪ کي آزاد ڪرائڻ آهي، پيپلزپارٽي قيادت جي ناقص پاليسين ان کي علائقائي پارٽي تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت ملڪ کي معاشي خوشحالي طرف وٺي وڃڻ جي لا??ِ پرعزم آهي، وزيراعظم عمران خان ??وري قوم جي ترجماني ڪري رهيو آهي. اهڙن خيا??ن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.